ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنہ اي جنهن عمارت ۾ شهيد ٿيا، اها اصل ۾ ايران جي اڳوڻي شاهه محمد رضا شاه پهلوي جو هڪ محل هو۔
آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل فوجي ڪارروائي ۾ تهران جي مرڪزي علائقي ۾ واقع بيتِ رهبري ڪمپليڪس کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ سپريم ليڊر، سندن گهروارا ۽ حڪومت جا اعليٰ ترين عملدار شهيد ٿي ويا۔ اها عمارت ڪيترن سالن کان علي خامنہ اي جي رهائش گاهه ۽ مرڪزي آفيس طور استعمال ٿي رهي هئي، ۽ اسلامي انقلاب کان پوءِ ان کي بيتِ رهبري يا House of Leadership چيو ويندو هو۔
هن حملي کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو انٽرنيٽ تي وڃي ان هنڌ کي ڳولڻ لڳا جتي تاريخ جو هي وڏو سانحو پيش آيو۔ ماڻهو اها عمارت ڏسڻ چاهيندا هئا جتي ايران جي رهبرِ اعليٰ پنهنجي ساٿين ۽ گهر ڀاتين سان گڏ زندگي جون آخري گهڙيون گذاري دنيا کي الوداع چيو۔
ميزائل حملي ۾ اها عمارت مڪمل طور تباهه ٿي وئي، پر جتي اها عمارت بيٺل هئي، ان هنڌ جون تصويرون مختلف ٽي وي چينلن، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۽ سيٽلائيٽ رپورٽن وسيلي سامهون اچي رهيون آهن۔ هاڻي اتي صرف ملبو، سڙيل وڻ ۽ مٽيءَ جو هڪ هموار چورس نشان نظر اچي ٿو جيڪو ٻڌائي ٿو ته هتي ڪڏهن هڪ عمارت موجود هئي۔ اهي ئي منظر هاڻي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن۔
مون ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجن پڙهندڙن کي هن تباهه ٿيل عمارت جي اصل تاريخي حيثيت کان آگاهه ڪريان ۽ هن جاءِ تي بيٺل اصل عمارت بابت مستند معلومات ۽ تصويرون سندن سان شيئر ڪريان۔
اختصاصي محل ۽ ان جي چوڌاري واري علائقي پاستور اسٽريٽ جون ڪجه وڌيڪ تاريخي تصويرون به دستياب ٿيون آهن۔ هي تصويرون پهلوي دور جي تهران ۽ شاهي ڪمپليڪس جي فضا کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿيون، تنهنڪري انهن کي هتي حوالو ۽ تاريخي پسمنظر طور شامل ڪيو پيو وڃي۔
شاهه واري دور ۾ هي عمارت پهلوي خاندان جي پهرين بادشاهه رضا شاه پهلوي پنهنجي ولي عهد محمد رضا شاه پهلوي جي رهائش لاءِ 1938 ۾ تعمير ڪرائي هئي، ۽ ان کي “اختصاصي محل” جو نالو ڏنو ويو۔
ان کي اختصاصي محل ان ڪري چيو ويو ڇاڪاڻ ته اهو محل ولي عهد محمد رضا شاه جي نجي استعمال لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو۔ لفظ اختصاصي جو مطلب آهي ڪنهن خاص ماڻهو يا مقصد لاءِ مخصوص۔
ڇو ته اهو محل عام دربار يا سرڪاري تقريبن لاءِ نه هو، پر خاص طور تي ولي عهد جي رهائش لاءِ ٺاهيو ويو هو، تنهنڪري رضا شاه ان کي اختصاصي محل جو نالو ڏنو۔ ان وقت رضا شاه ويجهو ئي واقع ماربل پيليس ۾ رهندا هئا، جيڪو بادشاهه جي سرڪاري رهائش گاهه به هو۔
هن محل جي تعمير لاءِ رضا شاه 1938 ۾ ٻن هنگري نسل جي يهودي آرڪيٽيڪٽن لازلو فشر (Laszlo Fischer) ۽ فرينس بودنزڪي (Ferenc Bodanzky) کي چونڊيو۔ اهي ان وقت برطانوي مينڊيٽ فلسطين سان لاڳاپيل هئا، جيڪو اڄ اسرائيل جي علائقي ۾ شامل آهي۔
انهن آرڪيٽيڪٽن تهران جي نيشنل گارڊن ۾ وزارت خارجه جي عمارت به ڊزائن ڪئي هئي۔ اها عمارت رضا شاه کي پسند آئي، تنهنڪري هن پنهنجي ولي عهد پٽ جي محل جي تعمير جو ڪم به انهن حوالي ڪيو ته جيئن بادشاهه جي رهائش يعني ماربل پيليس جي ويجهو ولي عهد جو محل به ٺهي سگهي۔
محمد رضا شاه پهلوي تقريباً 1938 کان 1941 تائين هن محل ۾ رهندا رهيا۔ ان وقت هو اڃا بادشاهه نه هئا پر ولي عهد هئا، جڏهن ته سندن والد رضا شاه ماربل پيليس جي شاهي عمارت ۾ رهندا هئا۔
محمد رضا شاه پهلوي جي پهرين شادي 1939 ۾ مصر جي شهزادي فوزيه سان ٿي، جيڪا قاهره ۾ وڏي شاهي تقريب سان منعقد ٿي۔ جڏهن ملڪا فوزيه ايران آئي ته ڪجهه عرصو هوءَ محمد رضا شاه سان گڏ هن اختصاصي محل ۾ رهندي رهي۔
1941 ۾ ٻي عالمي جنگ دوران برطانيا ۽ سوويت يونين ايران تي دٻاءُ وڌو ۽ رضا شاه کي تخت ڇڏڻو پيو۔ ان کان پوءِ محمد رضا شاه پهلوي ايران جا بادشاهه بڻيا۔ بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ هو سعد آباد پيليس ڪمپليڪس ڏانهن منتقل ٿيا ۽ بعد ۾ نياوران پيليس کي پنهنجي مستقل رهائش بڻايو۔
1979 جي اسلامي انقلاب کان پوءِ اختصاصي محل رياست جي تحويل ۾ اچي ويو ۽ ان جي حيثيت شاهي رهائش مان تبديل ٿي سرڪاري ۽ انتظامي جڳهه بڻجي وئي۔ وقت سان گڏ ان جي چوڌاري علائقو هڪ وڏي سرڪاري ڪمپليڪس ۾ تبديل ٿي ويو ۽ محل جي شاهي سڃاڻپ آهستي آهستي ختم ٿيندي وئي۔
جيتوڻيڪ عمارت جي اصل اڏاوت گهڻي حد تائين برقرار رهي، پر اندروني ڪمرا تبديل ڪري آفيسن، ميٽنگ رومز ۽ انتظامي ڪم لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا۔ ان سان گڏ عمارت جي چوڌاري سيڪيورٽي به وڌيڪ سخت ڪئي وئي، نوان دروازا، حفاظتي باڙون ۽ نگراني جا انتظام شامل ڪيا ويا۔
ايندڙ سالن ۾ خاص طور تي 1981 کان 1989 جي وچ ۾، جڏهن ايران جي اسلامي جمهوريه آهستي آهستي مضبوط ٿيندي وئي، تڏهن هن عمارت کي اعليٰ سطح جي سرڪاري ۽ سفارتي ملاقاتن لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو۔
هن جاءِ تي ڪيترن ئي ملڪن جي وفدن ۽ سربراهن جون ملاقاتون به ٿينديون رهيون۔ انهن ملاقاتن ۾ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جو دورو خاص طور يادگار سمجهيو ويندو آهي۔
جڏهن هو تهران آيا ۽ ايران جي سپريم ليڊر علي خامنہ اي سان ملاقات ڪئي ته هن ڏٺو ته ملاقات جو ڪمرو انتهائي سادو هو۔ سفيد ڀتيون، محدود فرنيچر، هڪ ايراني جهنڊو ۽ امام خميني جي تصوير کان سواءِ ڪا به شاهي سجاوٽ موجود نه هئي۔ ايران دنيا ۾ پنهنجي قيمتي قالينن لاءِ مشهور آهي، پر ان ڪمري ۾ مهانگا قالين نه پر زيلو (Zilu) وڇايل هو، جيڪو عام طور ڪپهه جي ڌاڳن مان ٺهيل سادو فرش وڇاڻو هوندو آهي ۽ گهڻو ڪري مسجدن يا سادن گهرن ۾ استعمال ٿيندو آهي۔
تاريخي حوالن موجب اهو به ثابت آهي ته جڏهن آيت الله علي خامنہ اي ايران جا صدر هئا تڏهن به هي عمارت سندن استعمال ۾ رهي۔ عمارت جو مرڪزي حصو صدارتي آفيس طور استعمال ٿيندو هو جتي سرڪاري اجلاس ۽ اهم ملاقاتون ٿينديون هيون۔
1989 ۾ جڏهن آيت الله علي خامنہ اي سپريم ليڊر چونڊيا ويا ته هن جاءِ کي بيتِ رهبري يعني سپريم ليڊر جي مرڪزي آفيس ۾ تبديل ڪيو ويو۔ سندن آفيسون ۽ رهائش به هن ئي ڪمپليڪس ۾ قائم ڪيون ويون، ۽ وقت سان گڏ چوڌاري نيون عمارتون ٺهي هڪ وڏي ۽ انتهائي محفوظ ڪمپليڪس ۾ تبديل ٿي ويو۔
بهرحال 28 فيبروري 2026 تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي حملن کان پوءِ، جن ۾ ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت جي خبر سامهون آئي، ان هنڌ جي صورتحال بابت مختلف رپورٽون اچي رهيون آهن۔ شروعاتي سيٽلائيٽ تصويرن ۽ غير سرڪاري اطلاعن موجب ڪمپليڪس جي ڪجهه عمارتن کي نقصان پهتو، پر سخت سيڪيورٽي سبب مڪمل تفصيل اڃا واضح نه ٿي سگهي آهي۔
پر هن سانحي کان پوءِ دنيا ۾ هڪ وڏو سوال پيدا ٿيو آهي۔
ڇا اڄ جي دور ۾ دنيا جي ڪنهن به اڳواڻ جي نجي رهائش واقعي محفوظ آهي؟
ڇا حڪمرانن جا گهر به هاڻي جنگ جو نشانو بڻجي رهيا آهن؟ تهران ۾ ايران جي رهبر جو گهر پنهنجي سادگي باوجود انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ هو، پر جديد فوجي ٽيڪنالاجي، ميزائل ۽ ڊرون حڪمت عملين هن تصور کي به چئلينج ڪري ڇڏيو آهي۔
هاڻوڪن سالن ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان Targeted Home Attacks جي پاليسي سامهون آئي آهي، جنهن تحت ڪنهن اڳواڻ يا فوجي شخصيت کي سڌو سندس گهر يا نجي هنڌ تي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي۔
ماضي ۾ جنگون روايتي محاذن تي وڙهيون وينديون هيون، پر هاڻي انٽيليجنس بيسڊ ميزائل ۽ ڊرون سڌو رهائشي هنڌن تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔ ان خطري جي مقابلي لاءِ رياستون هاڻي Decoy Locations ۽ Digital Shielding جهڙيون حڪمت عمليون اختيار ڪري رهيون آهن ته جيئن اصل هنڌ ۽ نقل و حرکت دشمن جي انٽيليجنس کان لڪائي سگهجي۔
هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا مستقبل ۾ پاڪستان ۾ به حڪمرانن جا گهر ۽ آفيسون شهرن اندر شاندار محلات جي صورت ۾ رهنديون يا اعليٰ قيادت زيرِ زمين بنڪرن ۽ خفيه ڪمانڊ سينٽرن کي ترجيح ڏيندي؟