بجلي جي بلن بابت عام ماڻهن جو سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن مهيني ۾ بجلي گهٽ استعمال ٿئي، تڏهن به بل وڌيڪ ڇو اچي ٿو؟
▫
️ اسان جو بجلي وارو نظام ڪيئن درست ٿيندو؟ (ٻي قسط)
بجلي گهٽ استعمال ٿيڻ باوجود بل وڌيڪ اچڻ جو بنيادي سبب اهو آهي ته بدقسمتي سان اسان جي بل ۾ صرف استعمال ٿيل يونٽن جي قيمت شامل نه هوندي، پر ان سان گڏ فڪسڊ چارجز ۽ ڪيپيسٽي پيمنٽس پڻ شامل هونديون آهن. انهيءَ ڪري يونٽ گهٽ هئڻ باوجود به بل وڌيڪ اچي ويندو آهي۔
هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته فڪسڊ چارجز ۽ Capacity Payments اصل ۾ ڇا آهن؟ ان جو سادو جواب هي آهي۔
پاڪستان ۾ حڪومت کي بجلي پيدا ڪندڙ خانگي پاور پلانٽن، جن کي Independent Power Producers (IPPs) چيو ويندو آهي، کي جيڪي ادائگيون ڪرڻيون پونديون آهن، اهي بنيادي طور ٻن حصن تي مشتمل هونديون آهن۔
1۔ Capacity Payments يعني صلاحيت جي ادائيگي
هي اها رقم آهي جيڪا پاور پلانٽ کي صرف ان ڳالهه جي عيوض ادا ڪئي ويندي آهي ته هو هر وقت بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تيار رهي، ڀلي ان کان بجلي ورتي وڃي يا نه ورتي وڃي۔ گذريل مالي سال دوران حڪومت هن مد ۾ لڳ ڀڳ 1800 ارب رپيا ادا ڪيا آهن۔
2۔ بجلي پيدا ٿيڻ وقت فيول جي ادائيگي
جڏهن پاور پلانٽ واقعي بجلي پيدا ڪري ٿو، تڏهن ان ۾ استعمال ٿيندڙ ايندھن جهڙوڪ گئس، تيل يا ڪوئلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي آهي۔ هن مد ۾ حڪومت هر سال لڳ ڀڳ 1200 ارب رپيا بجلي پيدا ڪندڙ پاور پلانٽن کي ادا ڪري ٿي۔
اهڙي طرح مجموعي طور حڪومت کي پاور پلانٽن کي لڳ ڀڳ 3000 ارب رپيا هر سال ادا ڪرڻا پون ٿا۔
غور طلب ڳالهه اها آهي ته انهن ادائين ۾ Capacity Payments جو حصو وڌيڪ آهي، يعني لڳ ڀڳ 1800 ارب رپيا، جڏهن ته فيول جي ادائيگي لڳ ڀڳ 1200 ارب رپيا آهي۔
ٻين لفظن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ تي خرچ نسبتاً گهٽ آهي، جڏهن ته صرف پاور پلانٽن کي تيار حالت ۾ رکڻ لاءِ وڌيڪ رقم ادا ڪئي پئي وڃي۔ ڄڻ ته اسان هڪ اهڙو “سفيد هاٿي” پاليو آهي جنهن کان ڪم گهٽ ورتو وڃي ٿو، پر ان جي سار سنڀال جو خرچ لڳاتار برداشت ڪرڻو پوي ٿو۔
پاڪستان ۾ بجلي جي وڌ کان وڌ طلب عام طور 26000 کان 30000 ميگاواٽ جي وچ ۾ هوندي آهي، جڏهن ته سياري ۾ اها گهٽجي لڳ ڀڳ 20000 کان 22000 ميگاواٽ رهجي ويندي آهي۔
ان جي مقابلي ۾ ملڪ جي مجموعي نصب ٿيل بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت لڳ ڀڳ 43000 کان 45000 ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي۔
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان وٽ لڳ ڀڳ 15000 کان 17000 ميگاواٽ اضافي صلاحيت موجود آهي، جنهن جي هر وقت ضرورت نٿي پوي۔ تنهن هوندي به اسان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، ڇاڪاڻتہ IPPs سان ڊگهي مدي وارا معاهدا اڳ ئي ڪيا ويا آهن۔
ڇاڪاڻتہ اهي معاهدا عام طور لڳ ڀڳ 30 سالن لاءِ ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ مختلف پاور پلانٽن جا معاهدا 2030 کان 2045 جي وچ ۾ مختلف وقتن تي ختم ٿيندا۔
ٻين لفظن ۾ 2045 تائين اسان بجلي جي بلن تي انهن معاهدن جي بار کان مڪمل طور آزاد نه ٿي سگهنداسين۔
(مضمون جاري آهي، باقي ايندڙ قسط ۾)